وزيراعظم پاران گرفتارپائليٽ آزادڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م.ر) وزيراعظم عمران خان گرفتار ٿيل پائليٽ اڀي نندن کي سڀاڻي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان خطي ۾ امن خير سگالي طور ڀارتي پائليٽ کي سڀاڻي آزاد ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڃا به ڀارت کي پيغام ڏيون ٿا ته امن لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، ڀارت دوستيءَ لاءِ هڪ وِک اڳتي وڌائيندو ته اسان ٻه وکون اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ڳالهين جي آڇ باوجود بدقسمتيءَ سان ڀارت ڪو به جواب نه ڏنو ۽ پلوامه حملي کانپوءِ به ثبوت ڏيڻ بدران جنگي حالتن کي وڌايو ويو. هن چيو ته پاڪستان امن گهُري ٿو پر ڀارت امن جي ڪوششن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي. هن چيو ته پلومه حملي کانپوءِ ڀارت پهرين ڊوزيئرس ڏيڻ بدران اڳرائي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، هاڻ ڊوزيئرس پاڪستان پهچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو