اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 2 ڏينهن کان بيمار هو.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر جي صلاح تي شهباز شريف اڄ ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو آهي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عوام ۽ ڪارڪنن کي درخواست آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن.










