وزيراعظم شهباز شريف طرفان نوشڪي واقعي جي رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف نوشڪي نيشنل هاءِ وي تي مسافر بس جي اغوا ۽ قتل جي واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.شهباز شريف واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوگوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي عفريت کي پاڙان پٽيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو