جدهه(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.رپورٽن مطابق ملاقات ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل ۽ سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب به موجود هئا.ملاقات ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف عمري جي لاءِ مڪي روانو ٿي ويو.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف مسجد نبوي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ روضه رسول تي حاضري ڏني.










