زيدي جي ايف بي آر ۾ تقررغير قانوني آهي، آفيسرن کي اعتراض

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽرشبرزيدي کي  ٽيڪس اھاڙيندڙ اداري )ايف بي آر( جو نئون سربراهه مقرر ڪري چڏيو آهي. اهڙو اعلان وزيراعظم اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هوڏانهن ان لينڊ روينيو آفيسرز ايسوسيئيشن سندس مقرري تي اعتراض ڪندي عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته اها ڪيريئر سروس جي پوسٽ آهي نجي شعبي مان تقرري نٿي ڪري سگهجي. اڳ ۾ پيپلز پارٽي جي دور علي ارشد حڪيم کي جڏنهن تعينات ڪيو ويو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان کي رد ڪيو هو ۽ عدالتي فيصلو موجود آهي جيڪو هن ڪيس تي به لاڳو آهي. شبر زيدي سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته عدالت جو رستو سڀني لاءِ کليل آهي. نئون ايف بي آرجوچيئرمين شبر زيدي ٽيڪسيشن شعبي جو ماهر آهي ۽ سال 2013ع وارين چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ نگران حڪومت جو وزير به رهيو آهي. هو ”پاڪستان ناڪهام رياست ناهي“ ۽ ” پاناما ليڪس“  سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. تازو سپريم ڪورٽ آف شور ڪمپنين بابت هڪ ڪيس ۾ سندس ماهراڻي راءِ به ورتي هئي. شبر زيدي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي، اي ايف فرگوسن ڪمپني ۾ پارٽنر پڻ آهي. ڊان ۾ معيشت ۾ بهتري ۽ ٽيڪس نظام جون ڪمزوريون ختم ڪري سڌارا آڻڻ بابت ڪافي مّمون پڻ شايع ٿيا اٿس. هن کي فارين ايڪسچينج، مالياتي حڪمت عملي، ڪارپوريٽ ريگوليشن جهڙن معاملن تي مهارت حاصل آهي. هن جو زور ان ڳالهه تي رهيو آهي ته ٽيڪس جو نظام آسان بڻايو، مقدار گهٽ ڪيو، اڻ سڌن تيڪسز بدران سڌا ٽيڪس لڳايو. اميرن تي ٽيڪس وڌايو غريب تي گهٽايو. ڏسجي ته هو ان مشن ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿئي ٿو. واضح رهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين دوران اوچتو پاڪستان جا ٽاپ اڪنامڪ مينيجر جن ۾ وزير خزانه، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ ايف بي آر جو چيئرمين شامل هئا، کي هٽايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو