وزيراعظم جي ولي عهد سان ملاقات، 5 معاهدن تي صحيحون

جده(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جِي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وفدن جِي سطح تي به ڳالهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنج معاهدن ۽ ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون وين. سعودي-پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي پهريون اجلاس گڏيل صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو. هن ڪائونسل جو مقصد ٻطرفن معاملن تي ترت عمل ڪرائڻ آهي، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ آهي. سزا يافته ڏوهاين جي مٽا سٽا، ماحوليات ۽ توانائي منصوبن تي معاهدا شامل آھن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وزيراعءم کان اڳ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان 2 ڀيرا ملاقات ٿي، آءِ ايس پي آر موجب ٻطرفن لاڳاپن، فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، آرمي چيف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سالميت، خودمختياري ۽ حرمين شريفين جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، سعودي ولي عهد چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته گوادر ۾ 10 ارب ڊالر جي ماليت جي تيل صاف ڪرڻ واري ڪارخاني سان گڏ پيٽرو ڪيميڪل ڪمپليڪس قائم ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري واري اعلان تي عمل جي به ولي عهد خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم کي ولي عهد هوائي اڏي تي وڃي پاڻ آڌر ڀاءُ ڪيو، وزيراعظم ايئرفورس جي جهاز ۾ جدو پهتو. سنڌ ۽ ڪي پي جا گورنر، عليم خان، شيخ رشيد، شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو