بلاول،آصف،عمران،بشريٰ بيبي ۽ شهباز جي اثاثن جا تفصيل جاري

بلاول،آصف،عمران،بشريٰ بيبي ۽ شهباز جي اثاثن جا تفصيل جاري

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن سال 2021ع جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وٽ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن اليڪشن ڪميشن جي دستاويزن موجب بلاول ڀٽو زرداري جو بينڪ اڪائونٽ ۾ 12 ڪروڙ رپيا پيل آهن اليڪشن ڪميشن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري وٽ 71 ڪروڙ 42 لک رپين جا اثاثا آهن، جڏهن آصف زرداري جي بينڪ بيلنس توڙي گاڏين جا تفصيل اڃا جاري ناهن ٿيا اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان وٽ 14ڪروڙ 21 لک رپين جو ميانوالي زمان پارڪ ۾ گهر آهي، بني گالا ۾ 300 ڪئنال جو گهر عمران خان کي تحفي ۾ مليو دستاويزن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وٽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪوبه ڪاروبار ناهي، جڏهن ته عمران خان وٽ ذاتي گاڏي به ناهي اليڪشن ڪميشن موجب عمر ايوب وٽ هڪ ارب 29 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، جڏهن ته اسد قيصر وٽ ساڍا 8 ڪروڙ ماليت جا اثاثا ڊڪليئر ٿيل آهن اليڪشن ڪميشن جي دستاويز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪل اثاثن جي ماليت 100 ملين رپيا آهي، سندس لنڊن ۾ 137 ملين رپين جي ملڪيت آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 2 ملين رپيا آهن، هن سليمان شهباز کان 63 ڪروڙ 90 لک رپيا قرض ورتو جڏهن ته شهباز شريف جو لنڊن ۾ بئنڪ اڪائونٽ خالي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو