وحدت المسلمين پاران فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف احتجاج

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ )مجلس وحدت المسلمين ضلعي ٺٽي پاران فلسطين ۾ مسجد اقصٰيٰ تي گذريل جمعي کان ٿيندڙ ظلم توڙي افغانستان ڪابل ۾ سيدالشهداء اسڪول تي ٿيندڙ حملي خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاهرو مجلس وحدت المسلمين ضلعي ٺٽي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالحسين شاھ، مولانا علي گوهر ايماني، اصغریہ آرگنائزيشنپاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامران رضا سومرو ۽ نعيم قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪندي فلسطين ۾ نمازين ۽ افغانستان ۾ تعليمي ادارن تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي عالمي ادارن جو هن معاملي ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي ھن بربريت ۽ ظلم جي خاتمي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ افغانستان ۾ تعليمي ادارن تي الڳ الڳ حملا سوچيل سمجھيل سازش آھي،  صيهونيت ۽ دھشت گردي جي خاتمي لاء مسلمانن کي متحد ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو هر روز اسرائيلي ظلم وڌندو پيو وڃي،  اقوام متحده ۽ او آئي سي کي هن حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھنن چيو تہ مسجد اقصيٰ ۾ نمازين تي قابض اسرائيلي فوج جو حملو ظلم جي انتھا آهي ٻئي طرف افغانستان ۾ شاگردن جي تعليمي ادارن تي شرپسندن جي طرفان ٿيل حملو به ڳڻتي جوڳو عمل آھي. ھنن گھر ڪئي ته افغانستان ۾ شاگردن جي حملي جي اعليٰ سطحي جانچ ڪرائڻ سميت افغانستان حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي. ھنن چيو ته هڪ دفعو وري افغانستان ۾ دھشت گردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو عمل ڳڻتي جوڳو آهي، ھنن مسجد اقصيٰ ۽ افغان ٻارن جي متاثر خاندانن سان دلي ھمدردي، ڏک ۽ تعزيت جو پڻ اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو