واپاري ۽ ڪارخانيدار سارين جو اگھ گھٽائي هارين ظلم ڪن پيا

حيدرآباد (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل سڪي وڃن ٿا. سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي کي گذريل پندرهن سالن کان مسلسل سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار اعلي تائين پھچايو ان جي بدلي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، پيئڻ لاءِ گٽرن وارو پاڻي، بک بدحالي، بيروزگاري، لاقانونيت، بدامني ۽ لاشن کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. پ.پ.پ پنهنجي اڳوڻين دور حڪومت ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي، وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا، سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو ۽ پيپلز پارٽي ۽ سندس سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا. قومي عوامي تحريڪ پاران 8 آڪٽوبر تي ھٽڙي باء پاس تي ٿيندڙ سنڌ بچايو، ملڪ بچايو جلسي عام لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ طارق رند ۽ ايڊووڪيٽ وھاب ڪنراڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي پرميشن ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي سيڪيورٽي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آھي. جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي ھالاناڪہ، ھوسڙي، مسو ڇلگري، پنھور ڳوٺ، راھوڪي، ٽنڊو ڄام حيدرآباد شهر جي مختلف سنڌي پاڙن، قاسم آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري جلسي جون دعوتون ڏنيون. جڏھن تہ ميرپورخاص ۾ ڪامريڊ ڪرڙ لٻاري، مجيد ٻگھيو، شوڪت نوحاڻي، بدين ۾ اصغر نوتڪاڻي، سانول گوپانگ، بچل احمداڻي، حسين ملاح، فياض شاھ سجاول ۾ اشرف پليجو، زين سومرو، ڪراچي ۾ منان شيخ، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، ۽ ٻين مختلف علائقن جا دورا ڪري شرڪت جون دعوتون ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو