واشڪ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ مسافر بس حادثي جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا فوت ٿي ويا.مسافر بس جو ٽائر ڦاٽي وڃڻ سبب بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ڪولهي ۾ پيش آيو. بس گوادر کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته ٽائر ڦاٽڻ سبب بس بي قابو ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.ليويز اختيارين موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ زخمين کي بسيما اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.










