وارياسو ۽ بهاول ٻٻر ۾ جهيڙن جا واقعا 3 زخمي،ڪيس داخل نه ٿيا

ميهڙ / ڊرگهه بالا(نمائندن وٽان) ڳوٺ وارياسو ۾ چانڊيه برادري  ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سبب به ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڊرگهه بالا ۾ ڀائٽين زمين جي معاملي تي پنهنجي چاچي پرائمري استاد جو مٿو ڦاڙي وڌو آهي. ميهڙ مان صدا حسين چانڊيو موجب فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارياسو ۾ چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين علي حيدر چانڊيو ۽ رٽائر جمعدار محمد نواز چانڊيو جو پراڻي مسئلي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب فائرنگ ۾ واٽهڙو ٻه ڀائر 14 سالن جو منصور پٽ باقر چانڊيو ۽ ٻيو معصوم پنج سالن جو ٻارڙو حيدر پٽ باقر چانڊيو زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو ويو زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪئيس داخل نه ٿي سگهيو. *** ڊرگهه بالا مان محمد اسماعيل لانگاھ موجب ڳوٺ بهاول ٻٻر ۾  زمين جي معاملي تان ڀائيٽن هٿان چاچو پرائمري استاد سڪندر ڀرڳڙي ڏنڊا هڻي زخمي، جنهن کي هيلٿ سينٽر مان ابتدائي طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاء جوهي تعلقي اسپتال اماڻيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو