واثق قيوم عباسي جو سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.واثق قيوم عباسي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مان سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو، منهنجي سياسي ڪيريئر جو مقصد عوام جي خدمت آهي.اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته رياست ۽ ادارن سان ٽڪراءُ ناقابل برداشت آهي. مان رياستي ادارن خلاف پرتشدد ڪاررواين ۽ گمراهه ڪندڙ بيانن کي رد ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو