وائيٽ پيپر 2018ع جي ڪرتوتن کي اڇو نه ڪندو: طلال چوڌري

لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته وائيٽ پيپر ڇپجڻ سان 2018 جي اليڪشن ۾ اوهان جا ڪارا ڪرتوت اڇا نه ٿيندا.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وائيٽ پيپر ۾ ٽيريان، بني گالا پيلس، واچ چوري ۽ 190 ملين پائونڊ جي چوري جو به احوال آهي.طلال چوڌري سوال ڪيو ته ڇا بشرا بي بي خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪرائي؟ جن پنهنجي پارٽي ۾ جعلي ۽ ڌانڌليون ڪرايون اهي ڪهڙي وات سان عدالتي ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن؟هن چيو ته معيشت ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، مهانگائي هيٺ اچي رهي آهي، پي ٽي آءِ وارا عدالتي ڪميشن نه پر ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن. اهي ڳالهيون نه پر اين آر او جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو