هڪ ليڊر جيل مان سهولت پيو گهري،ٻيا چون ٿا سي پيڪ اسان شروع ڪيو

حيدرآباد (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزيراطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هڪ پارٽي تي جڏهن برو وقت ايندو آهي ته اها ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو سوچي ٿي جڏهن ته هڪ پارٽي جو اڳواڻ جيل ۾ آهي ته اهو ٻاهر وڃڻ لاءِ حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر عوام هاڻي باشعور آهن ۽ اهي ڪنهن به سازش يا لساني جهيڙن جي سياست ۾ نه ايندا ۽ انشاالله سنڌ مان پي پي پي 95 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪري ڪامياب پارٽي طور تي سامهون ايندي ۽ وفاق ۾ به هڪ وڏي پارٽي جي طور تي سامهون ايندي _ هو اڄ پي ايس 61 حيدرآباد تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا ڪاغذات نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد آر آو آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيوهو _ هن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن پي پي پي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي جنهن وقت سر چونڊن جو مطالبو هر فورم تي ڪيو آهي _ هن چيو ته 8 فيبروري 2024 تي جنهن پارٽي کي به مينڊيٽ مليو اها عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پوري محنت ڪندي _ هن چيو ته پي ٽي آئي جي ليڊر شپ پنهنجي ڪارن ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي ۽ اهي ماڻهو ملڪ خلاف سازش ڪري رهيا هئاجڏهن ته اهي ماڻهو اڄ به پاڪستان ۽ هتي جي ادارن خلاف سازش ڪري رهيا آهن _ هن چيو ته ٻي جماعت جنهن جي قيادت لاءِ چيو ويندو هو ته مونکي حڪومت مان ڇو ڪڍيو اها انهن کان بدلو وٺڻ لاءِ ويٺا آهن _ هن چيو ته عوام کي هن وقت اها دلچسپي ناهي ته ڪير جيل وڃي رهيو آهي ڪيربري ٿي رهيو آهي بلڪه عوام گهري ٿي ته سندن مسئلا حل ٿين _ هن چيو ته انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ پي پي پي وٽ ئي پائيدار منشور آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو چيئرمين بلاو ل ڀٽو زرداري چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيندو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪندو ، بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪندو ۽ بي گهرن لاءِ لکين گهر تعمير ڪرائيندو _ هن چيو ته پي پي پي هميشه جيڪو منشور ڏنو آهي ان تي پورو لهڻ لاءِ به ڪم ڪيو آهي جڏهن ته ٻين پارٽيون فقط منشور ڏنو ايتريون نوڪريون ڏينداسين ، لکين گهر پر انهن ڪجهه به نه ڪيوفقط ڳالهيون ڪيون _ هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن اڄ ڪو سياستدان ن ليگ ، پي ٽي آئي يا ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسين سندن دشمن آهيون _ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ صرف هڪ ئي پارٽي لسانيت جي ڳالهه ڪري رهي آهي پر اسان اليڪشن دوران ماحول خراب ٿيڻ نه ڏينداسين _ هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زردري جي نظريي جي ضرورت آهي _ هن چيو ته هاڻي ٻن قسم جا ووٽ پاڪستان ۾ هلندا هڪ ادرن جي خلاف سازش ۽ ٻيو ادارن کي جوڙڻ جو ووٽ هوندو _ هن چيو ته 8 فيبروري تي فيصلو ٿيڻو آهي ته عوام نفرت جي سياست کي پسند ڪري ٿي يا مسئلن جي حل کي پسندڪري ٿي هن چيو ته پي پي پي ملڪ لاءِ تاريخي ڪم ڪيا آهن جن ۾ آئين ۽ ايٽمي طاقت، 18 هين ترميم جي تحت صوبائي خودمختياري کان علاوه سي پيڪ ٿرڪول پروجيڪٽ پڻ پي پي پي ڏنو پر هڪ پارٽي اهڙي آهي جنهن کي پهرين جي ٽي روڊ جي پارٽي چيو ويندو هو اها چئي رهي آهي ته اهو سڀ ڪم اسان ڪيو آهي ، شڪر آهي ته پاڪستان جي آزادي دوران سندن پارٽي نه هئي نه ته وري اهو به چئي ها ته پاڪستان به اسان ٺاهيو آهي _ هن چيو ته گذريل حڪومت سنڌ منهنجي تڪ ۾ 14 هزار گهر تعمير ڪرائي غريبن ۾ ورهايا ۽ جيڪي ماڻهو برساتن جي تباه ڪارين ۾ تباهه ٿيا اڄ وٽن پنهنجي زمين پنهنجو گهر آهي _ هن يو ته وسيلن جي حوالي سان مسئلا وڌيڪ آهن پر پي پي پي جهڙي طرح سڀني کي گڏ وٺي هلي رهي آهي ان جو ڪو مثال نٿو ملي _ هن عوام کان مطالبو ڪيو ته اها 8 فيبروري تي ووٽ ڏئي پنهنجي مقبول پارٽي پي پي پي کي منتخب ڪن _ ان موقعي تي جيالن جو وڏو انگ اڳوڻي صوبائي وزير سان گڏ هو

پهنجو تبصرو موڪليو