هڪ رات ۾ ٽي چوريون، چوڪيدار کي ڪٽڪو،پوليس لاتعلق

ٿرڙي محبت )صدام حسين چانڊيو) ڳوٺ الله بخش جهتيال ۾ نامعلوم چورن نئين آيل ايس ايڇ او امام بخش اڄڻ کي چئلنيج ڪندي هڪ ئي رات ۾ ٽن دڪانن جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جي چوري ڪري ويا. جن ۾  ڪرياني جا ٻه دڪان ۽ هڪ درزڪي  دڪان شامل آهن. نامعلوم چورن ڪرياني جو سيڌو سامان ۽ درزڪي دڪان مان ڪپڙا لٽا موبائل فون ۽ ٻيوسامان ٻهاري ويا. ان موقعي تي سوين ڳوٺاڻن متاثرن سان گڏجي گفتار، علي اڪبرجهتيال، شفيق، محمد عالم خاصخيلي، مختيارجهتيال ۽ ٻين  ميڊيان اڳيان ٿرڙي محبت پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اسان جي ڀرپاسي ڳوٺ ڪنڊيور ۽ ڳوٺ شيرمحمدچانڊيو ۾ به هڪ ئي رات 3 چوريون ٿيون هيون ۽ پوليس ڪجهه نه ڪيو هو. ٿرڙي محبت جي وچ شهرمان 3موٽرسائيڪلون چوري ٿيون پر پوليس ڏوهارين خلاف هن وقت تائين ڪاروائي نه ڪئي آهي. جنهن ڪري لڳي ائين ٿو  ته هتان جي پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي جڏهن ته دادو ايس ايس پي فرخ رضا اڳ واري وارداتن جو سختي سان نوٽيس وٺندي  ايس ايڇ او بخشل سومرو کي هٽائي نئون ايس ايڇ او امام بخش اڄڻ کي مقرر ڪيو  پر نئين آيل ايس ايڇ او به ڏوهن ۾ ضابطو نه آڻي سگهيو . هنن ٻڌايو ته ڏوهارين واردات ڪرڻ کان اڳ چوڪيدارعبدالخالق کي  هٿيارن جي زورتي يرغال بڻاڻي کيس ڌڪ هڻي زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرارٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو