هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت ٻه زخمي

خيرپور (ن س) خيرپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي ٿي پيا. ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رڪشا تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سکر جي نئون پنڊ واري علائقي جو رهواسي علي محمد گڏاڻي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب فدا حسين ۽ نادر علي گڏاڻي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. مقتول جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور اماڻيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار سبب واقعو پيش آيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو