هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ شخص زخمي، لکين رپين جي ڦر

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) گھنٽا گھرچوڪ وٽ ڏينھن ڏٺي جوھٿياربندن مھمداڻي قبيلي سان واسطورکندڙنورحسن مھمداڻي کي لٺيون ھڻي زخمي ڪري وڌو جنھن کي فوري علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال داخل ڪيوويو.زخمي جو چوڻ آھي مھمداڻي برادري جي ھٿياربندن زخمي ڪرڻ بعد پنج لک رقم ڦرڪري فرارٿي ويا آهن. ھن چيو ته مان زمين خريد ڪئي ھئي جيڪا رھيل رقم پنج لک ڏيڻ لاءِ وڃي رھيو ھيس ته مورڙو، عبدالواحد ۽ ميرڙو مھمداڻي پاران اڳ وٺي زخمي ڪري رقم ڦرڪري فرارٿي ويا. ھوڏانھن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار سبب ٿيو آهي جڏهن ته ڪا به رقم ڦر ناهي ٿي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو