اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هي پهريون دور آهي جڏهن سندس ڪنهن سان رابطو ناهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هي پهريون دور آهي، منهنجو ڪنهن سان به رابطو ناهي، ٽي ڀيرا مون کي ڪٽيو ويو آهي.شيخ رشيد چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ڪو به تڪرار ناهي، ڪنهن سان به بدتميزي نه ٿيڻ گهرجي، جن کي صبح جو ناشتو ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو اهو ٺيڪ ناهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته موجوده اسيمبلي کي ڪير به نظر نٿو اچي.










