ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز سان سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر احسن قوي هڪ وفد سان گڏ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊائريڪٽر لائسنسنگ اينڊ ايڪريڊيشن ڊاڪٽر الطاف حسين خواجه، ڊائريڪٽر ڪلينڪل گورننس اينڊ ٽريننگ ڊاڪٽر سيد احمد رضا، ڊائريڪٽر مانيٽرنگ اينڊ ايويلوشن ڊاڪٽر مهتاب اختر ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. وفد نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد کي ڪميشن جي مقصدن، ڪم ڪرڻ جي طريقن ۽ مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو بنيادي مقصد عوام کي محفوظ صحت فراهم ڪرڻ آهي، ڪميشن قانون تحت طبي سهولتن جي گهٽتائي جي ڪري ڪلينڪ سيل ڪندا آهن، جڏهن ڪلينڪس کي سيل ڪرڻ جو اختيار سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ڊي ايڇ اوز وٽ آهي جنهن سان مونجهارو پيدا ٿيندو آهي. هن ٻڌايو ته ڪميشن عطائي ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ڪندو آهي پر ڪجهه يونينز، پوليس ۽ صحت کاتي جا ماڻهو ٻيهر ڪلينڪس جا سيل کولرائي ڇڏيندا آهن، اسان کي ڪجهه شڪايتون هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي جعلي ماڻهن جي ڇاپن سان متعلق پڻ حاصل ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪوئي شخص خوش لباس پوليس گارڊ سان گڏ ڪلينڪن تي وڃي ٿو، لائسنس گهري ٿو ۽ فوري فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ سيل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڪري رشوت وٺي ويندو آهي جنهن سان ڊاڪٽرن جي ساک متاثر ٿئي ٿي ۽ مريضن ۾ پڻ خراب تاثر پيدا ٿئي ٿو. هن چيو ته جعلسازي کان بچڻ لاءِ اسان ڪميشن جي نمائندن لاءِ بار ڪوڊ ڪارڊ متعارف ڪرايا آهن، جنهن سان موقعي تي ئي تصديق ٿي سگهي ٿي ته آيا اهو ڪوئي جعلساز آهي يا واقعي ڪميشن جو حقيقي نمائندو آهي. هن چيو ته اسان جو ڪم صحت جون ضروري سهولتون نه هجڻ سبب ڪلينڪس سيل ڪرڻ آهي جڏهن ته بند پيل ڪلينڪن جي سيل کي برقرار رکڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي. ڊاڪٽر احسن قوي چيو ته خوشقسمتيءَ سان ڪميشن جا اڪثر ميمبر ڊاڪٽر آهن، جيڪي اسپتالن جي معائني کان علاوه کين ٽيڪنيڪل سپورٽ پڻ فراهم ڪن ٿا، ڪميشن جو انحصار وڌيڪ خانگي اسپتالن تي ٿيندو آهي ڇو ته اتي اسان کي مختلف مرضن جي بابت وڏي تعداد ۾ ماهر موجود هوندا آهن. هن چيو ته هر ڪلينڪ کي پي ايم ڊي سي کان رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ لڳائڻ جي ضرورت آهي، هر ڪلينڪ کي پنجن سالن کان بعد پي ايم ڊي سي کان رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي، اسان عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ واري ڪنهن به ڪلينڪ کي بند ڪرڻ نه ٿا چاهيون، ان لاءِ ڪميشن ان ڪلينڪن جو باقاعده آگاهه ڪرڻ جي بعد دورو ڪندي آهي. تنهن هوندي به اسان لاءِ هلندڙ ڪلينڪس کي لائسنس فراهم ڪرڻ هڪ ڏکيو مرحلو هوند آهي،وڌيڪ اهو ته افرادي قوت جي ڀرٿين ۽ پگهارن ۾ اضافو بورڊ جي ذريعي ڪيو ويندو آهي.. سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد بريفنگ ٻڌڻ بعد ڪميشن کي درپيش مسئلن بابت ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪميشن کي درپيش مسئلن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، پر جن ڪلينڪ جي رجسٽريشن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، انهن کي پنهنجي رجسٽريشن جي تجديد جا موقعا ڏيڻ ضروري آهن. هن چيو ته ڪلينڪس کي بند ڪرڻ بجاءِ سمورن ڪلينڪنس جو ڪمپيوٽرائيزڊ ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي ته جيئن حاصل ڪيل ڊيٽا ذريعي ڪلينڪس جي رجسٽريشن جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي انهن کي آگاهه ڪري سگهجي. نگران صحت واري وزير سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کان هوميو پيٿڪ ۽ دوا خانه جي جاچ جو طريقيڪار پڻ طلب ڪري ورتو آهي.
