هيلٿ الائونس نه وڌائڻ خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ (برڪت چانڊيو)  پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ڪي اين شاھ پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تعلقه اسپتال جي اڳيان بدرالدين ملاح، محبوب زنگيجو، شاھ محمد لغاري، اسدالله لاکير، عبدالرسول گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان پيراميڊيڪل  وارن جو هيلٿ الائونس 50 سيڪڙو پنجاب جي پيراميڊيڪل جيتري ڪئي وڃي. ھنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏھن اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته تيستائين اسان جي احتجاج جو عمل جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو