جده(ويب ڊيسڪ) هن سال پهريون ڀيرو چنڊ سڌو ڪعبي جي مٿان اچي ويو.عرب ميڊيا موجب جده ۾ اسٽرانوميڪل سوسائٽي جي سربراهه انجنيئر ماجد ابو زهره ٻڌايو ته چنڊ مڪي جي آسمان تي شام 7 لڳي 43 منٽن تي نظر آيو.2023ع ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو چنڊ پاڪستاني وقت موجب 12 لڳي 43 منٽن تي ڪعبي جي مٿان آيو.اسٽرانوميڪل سوسائٽي جي سربراهه جو چوڻ آهي ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڪعبي جي مٿان چنڊ جي اچڻ سان قبله جي رخ جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.










