پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 10 ارب رپين جو رمضان پيڪيج ڏنو ويو، اهي تعليم جي معيار تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيا آهن، هن سال تعليمي بجيٽ ۾ 13 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي.گجو خان ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته توهان ڪاليج لاءِ 75 ملين رپيا گهريا، مان ان جو اڌ ڏيندس، سياستدانن کي منصوبو مڪمل ٿيڻ تي تختي لڳائڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته اسان هر شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي، ماڻهو تختي لڳائڻ واري کي نه پر منصوبي کي مڪمل ڪرڻ واري کي سوچيندا آهن، اسان جي حڪومت دوران گجو خان ڪاليج جو ايندڙ ڪانووڪيشن انهن جي پنهنجي عمارت ۾ منعقد ڪيو ويندو، ڪاليج جي سڀني ملازمن کي هڪ مهيني جي پگهار اعزازي طور ڏني ويندي.علي امين جو چوڻ آهي ته اسڪالرشپ لاءِ فنڊ وڌائي رهيا آهن، 1500 نرسن کي ٻاهران تربيت ڏني وئي آهي، سڀني شعبن جي ماهرن کي ٻاهران تربيت ڏني پئي وڃي.هن اهو به چيو ته سڄي صوبي ۾ صرف پشاور ۾ دل جي بيمارين لاءِ هڪ الڳ اسپتال آهي. دل جي بيمارين جون اسپتالون پهريان علائقائي ۽ پوءِ ڊويزنل سطح تي ٺاهيون وينديون. عورتن ۽ ٻارن جي اسپتال لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا.










