لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير همايون اختر استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.همايون اختر خان پي ٽي آءِ جي پيٽرن انچيف جهانگير خان ترين ۽ صدر عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ هن ٻنهي اڳواڻن تي ڀروسي جو اظهار ڪندي آءِ پي پي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.آءِ پي پي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي همايون اختر چيو ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ تحريڪ انصاف کان ڌار ٿي ويس. 9 مئي تي شهيدن جي يادگار کي باهيون ڏنيون ويون. منهنجي لاءِ ممڪن نه هو ته تحريڪ انصاف سان وڌيڪ گڏ هلان،هن چيو ته جهانگير ترين وڏو ۽ عبدالعليم خان ننڍو ڀاءُ آهي. ساٿين سان مشاورت کان پوءِ استحڪام پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو.همايون اختر وڌيڪ چيو ته ملڪ غربت، مهانگائي سبب تباهه ٿي رهيو آهي اسان پنهنجي ملڪ کي غربت جي زنجيرن مان ٻاهر ڪڍنداسين. آءِ پي پي جي قيادت مان مون کي پوري اميد آهي.










