هلندڙ مالي سال گاڏين جي خريداري سست رفتاري جو شڪار

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) هلندڙ مالي سال گاڏين جي خريداري سست رفتاري جو شڪار رهڻ سبب آگسٽ ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ گذريل سال جي 34 هزار 264 يونٽس جي مقابلي ۾ 20 هزار 94 يونٽس رهي. اهڙي طريقي سان 41.3 سيڪڙو جي گهٽتائي ظاهر ٿي آهي. رپورٽ مطابق آگسٽ جي مهيني ۾ گاڏين جي خريداري 9 هزار 126 يونٽس گهٽ رهي جيڪا گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ 15 هزار 389 يونٽس هئي. هُنڊا اٽلس ڪارز لميٽڊ جولاءِ مهيني ۾ پنهنجي پروڊڪشن کي 10 ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو، اهڙي طرح انڊس موٽرز ڪمپني به پنهنجي پلانٽ کي 8 ڏينهن لاءِ وڌندڙ قيمتن، شرح سود ۾ اضافو، فروخت نه ٿيندڙ گاڏين، نئين بڪنگ ۾ گهٽتائي ۽ 2.5 کان 7.5 فيصد تائين فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳڻ جي ڪري پلانٽ کي بند ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو