مانسهره(ويب ڊيسڪ)هزاره ايڪسپريس وي تي چنارڪوٽ ويجهو هڪ مسافر وين اونڌي ٿي وئي. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ هڪ ٻار ۽ هڪ عورت سميت 3 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ٻارن سميت 9 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو بٽگرام ۽ ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد منتقل ڪيو ويو.










