اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر 9 مان 1 عورت کي ڇاتي جي ڪينسر جو خطرو آهي.بريسٽ ڪينسر جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڇاتي جو ڪينسر عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ تشخيص ٿيل ڪينسر آهي.آصف علي زرداري چيو آهي ته گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ عورتن جي موت جو وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي. بريسٽ ڪينسر جا واقعا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ وڌيڪ عام آهن، چھاتی جي ڪينسر جي پکڙجڻ جو وڏو سبب شعور جي کوٽ آهي.هن چيو ته بريسٽ ڪينسر جي دير سان تشخيص موت جي شرح ۾ اضافو ڪري ٿي، گهربل علاج حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ معاشي مشڪلاتون به اچن ٿيون، غلط فهميون ختم ڪرڻ ۽ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني عورتن کي باقاعده پنهنجو معائنو ڪرڻ جي عادت اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ ميموگرافڪ اسڪريننگ ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي، پاليسي ٺاهيندڙن ۽ صحت اختيارين کي مرض تي ضابطو آڻڻ جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي.










