هر مهيني خطيبن کي 2 ارب 60 ڪروڙ روپيا وظيفو ملي ٿو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي حڪومت صوبي جي جامع مسجدن جي خطيبن ۽ پيش امامن کي ماهوار 2 ارب 60 ڪروڙ روپيا ادا ڪندي آهي. اهڙو اظهار اوقاف، حج ۽ مذهبي  معاملن واري صوبائي وزير محمد ظهور اسمبلي ۾ سومر تي سوالن جوابن جي ساهي دوران ايم ايم اي جي حميرا خاتون جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايوته  22234 رجسٽرڊ خطيب آهن جن کي 10 هزار في خطيب ماهوار ملندا آهن. اها رقم بجٽ جو حصو ناهي ۽ نه ئي مستقل پگهار آهي پر اڪائونٽنٽ جنرل جي منظواري سان ادا ڪندا آهيون. ياد رهي ته 2017 کان پي ٽي آءِ جي حڪومت صوبي جي نجي مسجدن جي امامن کي اها رقم ڏيڻ شروع ڪئي هئي. جنهن جي مولانا فضل الرحمان جي پارٽي مخالفت ڪندي چيو هو ته پرڏيهي رقم مان حڪومت عالمن کي خريدڻ چاهي ٿي. جنهن بعد 6505 عالمن جن وٽ نه ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ آهي ۽ نه بئنڪ اڪائونٽ، انهن وظيفو وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو