هرنائي: ڪوئلي جي کاڻ ڀرسان فائرنگ، 4 پورهيت مارجي ويا

هرنائي: ڪوئلي جي کاڻ ڀرسان فائرنگ، 4 پورهيت مارجي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 پورهيت مارجي ويا.ليويز اختيارين موجب خوست جي ڪول مائنز واري علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڪانن جي ڪيمپ ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 کان کن مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڪوئلي جي 11 کانن کي به باهه ڏني، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ليويز اختيارين موجب ليويز فورس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو