هاليجي ڍنڍ ۾ 25 سالن بعد تازو پاڻي اچي ويو، بنگل مهر

ٺٽو/خانپورمهر(نمائندن وٽان)راندين ۽ جنگلي جيوت بابت وڏي وزير جي خاص مددگار مير بنگل خان مهر چيو آھي ته هاليجي ڍنڍ سميت پوري سنڌ ۾ ڍنڍن جي بحالي لاء سندن جاکوڙ جاري آھي . ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاليجي ڍنڍ ايشيا جي وڏين ڍنڍن مان هڪ وڏي ڍنڍ آھي جنهن ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واڳون رهن ٿا ۽ ساليانو هن ڍنڍ تي هڪ لک پرديسي پکي اچن ٿا .هن وڌيڪ چيو ته هاليجي ڍنڍ ۾ 25 سالن کان پوءِ تازو پاڻي آيو آھي جنهن سان هن ڍنڍ کان رسي ويل پکي هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڍنڍ جو رخ ڪندا . هن چيو ته گهڻو وقت اڳ هن ڍنڍ ذريعي  ڪراچي کي پاڻي ملندو هو جيڪو ڪينجهر مان واهه ڪڍڻ ۽ هاليجي ڍنڍ ۾ تازو پاڻي نه اچڻ ڪري بند ٿي ويو هو پر هاڻي سندس کاتي جي ڪوشش آھي ته ايندڙ سال هاليجي ڍنڍ مان ڪراچي کي ٻيهر پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو وڃي . مير بنگل خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته هاليجي ڍنڍ جي بحالي لاء وائيلڊ لائيف کاتي سنڌ سان گڏ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ ٻيلي کاتي جو سهڪار شامل آھي . سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته هاليجي ڍنڍ سميت پوري سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي سهڪار سان وڻڪاري مهم به هلائي ويندي ۽ هاليجي ڍنڍ سميت پوري سنڌ جي ڍنڍن کي سياحتي مرڪز بڻائڻ لاء پڻ ڪوششون ورتيون وينديون . ان موقعي تي هن هاليجي ڍنڍ جي ڪنڌيء تي هڪ ٻوٽو به لڳايو ۽ ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو ٻج پڻ ڇڏيو . هاليجي ڍنڍ جي دوري دوران ساڻس گڏ وائيلڊ لائيف کاتي سنڌ جو ڪنزرويٽر جاويد مهر، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽  ٻيلي کاتي سنڌ جا نمائندا پڻ گڏ ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو