ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سردار علي گوھر مھر کانپوءِ سندس اتحادي ھالار خان پتافي به پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي جي ڀاءُ ھالار بلاول ھائوس ڪراچي ۾ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي،ھالار خان پتافي ملاقات دوران پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ماضي ۾ ھالار خان پتافي پنھنجي ڀاءُ باري پتافي جو مخالف رھيو آھي،اڳوڻي ايم پي اي ۽ مرحوم سردار احمد علي پتافي جي لاڏاڻي کانپوءِ پتافي ڀائرن ۾ اختلاف ٿيا، جنهن بعد ھالار پتافي جي ڊي اي جوائن ڪئي ھئي
