هاضمي ۽ آنڊي جي مضبوطي لاءِ روزانو هڪ بيئر پيئو

ايمسٽرڊيم(ويب ڊيسڪ) بيئر پيئڻ وارن بهتر خبر اها آهي ته تازو ٿيل هڪ تحقيق موجب بيئر انساني جسم لاءِ فائديمند آهي. هالينڊ جي ايمسٽرڊيم يونيورسٽي جي پروفيسر ايرڪ ڪلاسن جي تحقيق موجب هاضمي جي نظام جي بهتري ۽ آنڊن کي مضبوط بنائڻ لاءِ اسٽرانگ بيئر ضروري آهي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڪين روزانو استعمال ڪرڻ فائديمند آهي ان کان وڌيڪ نه. هن چيو ته بيجليم جا اسٽرانگ بيئر ڪافي بهتر آهن ڇو ته انهن جي ٻه ڀيرا  اوٻارڻ واري عمل مان گذاريو ويندو. ٻئي اوٻاري مهل جيڪي ڪيميڪل ان ۾ وڌا ويندا آهن اهي جسم اند موجود جراثيمن لاءِ فائديمند هوندا آهن جنهن هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي ۽ ٻيو ته وڏو آنڊو به ان سان مضبوط ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو