هارين جي آسان قرضن لاءِ بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)هارين کي آسان قرض فراهم ڪرڻ لاءِ پنجاب ڪسان بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وڏي وزير مريم نواز ۽ مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مقامي سطح تي زرعي اوزارن جي پيداوار، آئل سيڊ پروموشن پروگرام جو اعلان ڪيو ويو.اجلاس ۾ گرين ٽريڪٽر اسڪيم جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير ننڍي ٽريڪٽر تي 50 کان 70 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي تجويز تي گرين ٽريڪٽر اسڪيم ۾ ٽريڪٽرن جو انگ 10 هزار کان وڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو