ن وارا وانگر ناهيون، دِل جي تڪليف تي هو لنڊن ڀڄي ويندا آهن

رائيونڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ قائد تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کيس دل جي تڪيلف ٿيندي آهي ته پاڻ لنڊن ڀڄي ويندو آهي، ان وقت به چيو ته ايڏو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڪراچي اچو اسان اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ٺاهي آهي.رائيونڊ ۾ پارٽي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته رائيونڊ جي ماڻهن کي سمجهائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن عوامي حڪومت ٺاهڻي آهي ته اِها ن ليگ جي وس جي ڳالهه ناهي، عوامي حڪومت رڳو شهيدن جي پارٽي ئي ٺاهي سگهي ٿي.بلاول چيو ته اسان نفرت، گارگند ۽ ورهاست واري سياست تي يقين نٿا رکون، عوام کان پڇو ڇا هو بجلي جو بل ڏئي سگهن ٿا جواب نه ملندو، اسان جي ڏهه نڪاتي ايجنڊا عوام دوست ۽ اسان ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جيان ڪوڙا واعدا ناهيون ڪندا.پ پ چيئرمين چيو ته واعدو آهي پنجاب جي هر ضلعي ۾ مفت ۽ معياري علاج جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، ڇا انهن پنجاب ۾ علاج جي معياري سهولتون ڏنيون؟.هن وڌيڪ چيو ته پوري ملڪ ۾ اسان جي اميدوار کٽڻ لاءِ بيٺا آهن، پ پ ٽي سئو يونٽ فري ڏيندي، ملڪ ۾ مفت ۽ معياري تعليم ڏيڻ جو واعدو آهي، هر شخص کي مفت ۽ معياري صحت جون سهولتون ڏيڻيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو