ن ليگ پاران چونڊن لاءِ 35 رڪني مرڪزي پارلياماني بورڊ قائم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) ايندڙ چونڊن جي لاءِ 35 رڪني مرڪزي پارلياماني بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف مرڪزي پارلياماني بورڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ نوازشريف جي منظوري تي چيئرمين سينٽرل اليڪشن سيل اسحاق ڊار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.مرڪزي پارلياماني بورڊ ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ مريم نواز سميت سڄي ملڪ مان ميمبر شامل ڪيا ويا آهن.(ن) ليگ جو مرڪزي پارلياماني بورڊ چونڊن ۾ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو