(ن) ليگ پاران پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ ٻه آپشن استعمال ڪرڻ جو امڪان

(ن) ليگ پاران پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ ٻه آپشن استعمال ڪرڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ ٻه آپشن استعمال ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ گورنر پنجاب وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ طلب ڪندو ۽ ان ئي ڏينهن بي اعتمادي جي رٿ پڻ پيش ڪئي ويندي.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو