لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.مسلم ليگ (ن) طرفان پنجاب اسيمبلي جي چونڊ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نون چونڊيل اسپيڪر سبطين خان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. (ن) ليگ منصور عثمان جي ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، اهو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ (ن) ليگ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي آهي.










