لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي شهباز شريف کي پارٽي جو وقتي صدر نامزد ڪري ڇڏيو.مسلم ليگ ن جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين سينيئر پارٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ پارٽي جي سينيئر ميمبرن پاران شهباز شريف کي قائم مقام پارٽي صدر نامزد ڪيو ويو، جنهن جي ٻين ميمبرن به حمايت ڪئي.ان حوالي سان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سيف الملوڪ کوکر چيو آهي ته شهباز شريف 28 مئي تائين مسلم ليگ ن جو وقتي صدر رهندو، جڏهن ته 28 مئي تي جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ نواز شريف کي پارٽي صدر چونڊيو ويندو.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي راڻا ثناءُ الله خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پارٽي جي مستقل صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر نامزد ڪيا ويندا.ذريعن موجب اجلاس جي فيصلن جي سي اي سي طرفان توثيق ڪئي ويندي ۽ حتمي منظوري جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.










