(ن) ليگ جي وڌيڪ 5 ميمبرن خلاف ڪيس داخل

(ن) ليگ جي وڌيڪ 5 ميمبرن خلاف ڪيس داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس مسلم ليگ (ن) جي 5 ايم پي ايز خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس موجب قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ ايم پي اي وسيم بدزئي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ راڻا مشهود، مرزا جاويد، رخسانه ڪوثر، سيف کوکر ۽ ميان عبدالرئوف کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب (ن) ليگي ميمبرن اسپيڪر جي چونڊ دوران اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪئي ۽ عورت ايم پي اي رخسانه ڪوثر وٽان هٿ آيل بيلٽ بڪ اڇلائي ڇڏيا. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بيلٽ بڪ جا اهم صفحا ڦاڙيا ويا ۽ اسيمبلي ميمبرن ڪم ۾ مداخلت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو