ن ليگ جو مڪاني ادارن ۾ ترميم بابت ايم ڪيو ايم حمايت جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نواز ليگ پاران مڪاني ادارن کي سڌي ريت وفاق جي ماتحت ڪرڻ سوڌو آئيني ترميم لاءِ متحده جي تجويزن جي حمايت جو اعلان ڪيو، اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جي وفدن وچ ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ احسن اقبال چيو آهي ته ٻئي جماعتون ايندڙ پارليامينٽ مان آئيني ترميمون منظور ڪرائينديون، نواز ليگ به ملڪ ۾ مضبوط مڪاني نظام تي يقين رکي ٿي، چاهيون ٿا ته مڪاني حڪومتون صوبائي حڪومتن جي رحم و ڪرم تي نه هجن، فاروق ستار چيو ته ضعلن ۽ مڪاني حڪومتن جي خودمختياري ۾ ملڪ جي بقا آهي، مڪاني نظام کي بااختيار ۽ خودمختيار ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي، آئيني ترميم لاءِ تجويزن جو مسودو ٻين پارٽين آڏو به پيش ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو