ن ليگ جو  آءِ پي پي سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

ن ليگ جو آءِ پي پي سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿي ويو. ن ليگ صدر شهباز شريف سان آءِ پي پي جي سربراهه جهانگير ترين ملاقات ڪئي. ذريعن موجب اها ملاقات گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ ن ليگ طرفان راڻا ثناءُ الله، اياز صادق ۽ آءِ پي پي جو عون چوڌري به موجود هو.ذريعن ٻڌايو ته ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ن ليگ ۽ آءِ پي پي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿي ويو ته ٻئي جماعتون سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيٽن جو نمبر ڇا هوندو؟ اهو ايندڙ ملاقاتن ۾ پيپر ورڪ سان طئي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو