ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نگران سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته نگران صوبائي حڪومت ڊاڪٽر پنجواني سينٽر ماليڪيولر ميڊيسن ۽ ڊرگ ريسرچ پي سي ايم ڊي جي تحت هلندڙ سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ۽ سيرولوجي ليبارٽي ايس ايف ڊي ايل، ڪراچي يونيورسٽي جي سمورن مالي ڏکيائن کي حل ڪندي ته جيئن سنڌ جي سطح تي ايس ايف ڊي ايل، ڪراچي يونيورسٽي جي تحت ڊي اين اي ۽ سيرولوجي ٽسٽنگ سروس جو ڪم مناسب انداز ۾ جاري رهي سگهي. اها ڳالهه هن جمع تي سنڌ فرانزڪ ڊي ايي اي ۽ سيرولوجي ليبارٽي، ڪراچي يونيورسٽي جي دوري تي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي، ڊاڪٽر عطا الرحمان، انساني حقن جي مشهور ڪارڪن ۽ قانون ميرا محافظ جي صدر فوزيه طارق، پروفيسر ڊاڪٽر فرزانه شاهين ۽ ٻيا آفيشل به موجود هئا. اجلاس کان اڳ پروفيسر خالد عراقي، پروفيسر عطالله الرحمان ۽ پروفيسر فرزانه شاهين نگران گهرو وزير جي اداري ۾ آمد جي آجيان ڪئي. اجلاس ۾آئي سي سي بي ايس، ڪراچي يونيورسٽي جي سربراهه پروفيسر فرزانه شاهين ۽ ايس ايف ڊي ايل جي انچارج ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اشتياق احمد خان پريزينٽيشن جي ذريعي حڪومتي وفد کي بين القوامي مرڪز ۽سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ۽ سيرولوجي ليبارٽي يونيورسٽي ۽ان جي سرگرمين کان تفصلي آگاهه ڪيو. پروفيسر فرزانه شاهين برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز کي خاص طور تي ان معاملي مسئلن کان آگاهه ڪيو. جنهن سبب بين القوامي مرڪز ۽ سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي ۽ سرولوجي ليبارٽري شڪار آهن. نگران سنڌ جي گهرو وزير بين القوامي مرڪزي جي قومي خدمتن ۽ صنعتن کي ڏني ويندڙ تحقيقي رهمنائي جي تعاريف ڪئي. هن ايس ايف ڊي ايل جي تحت مختلف پاسن ۾ پيش ڪيل تحقيقي خدمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبائي حڪومت پاران اداري لاءِ مدد ۽ معاونت تي يقين ڏياريو.
