ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران ڪابينا پاران ڪمند جي سرڪاري اگھن ۾ ڦيرڦار جا امڪان، اڳوڻي چونڊيل حڪومت پاران هلندڙ سال ڪمند جو سرڪاري اگھه 425 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو هو، ذريعن موجب چونڊيل حڪومت جي ڪابينا پاران منظوري ڏيڻ باوجود نگران سرڪار ڪمند جي اگھن ۾ ڦيرڦار جو فيصلو ڪيو آهي، سڀاڻي سنڌ جي نگران ڪابينا پاران ڪمند جي مقرر اگھه ۾ گھٽتائي جا امڪان آهن، ايوان زراعت سنڌ پاران ڪمند جي اگھن واري ايجنڊا ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي جي مخالفت ڪئي ئي آهي،ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته موجوده نگران سرڪار رڳو اليڪشن ڪرائي سگھي ٿي، ڪمند جو مقرر اگھه تبديل ڪيو ويو ته قبول نه ڪنداسين
