گهوٽڪي(ن س) نگران وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي پرنسل اسٽاف آفيسر جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي،پوليس موجب نگران وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي پي ايس او جي ڪار بيريئر سان ٽڪرائجي وئي،گاڏي ۾ وڏي وزير جو ترجمان رشيد چنو به موجود هو، حادثي ۾ رشيد چنو، گهرو وزير جو پي ايس او ۽ ڊرائيور زخمي ٿيا آهن،زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي
