نگران وڏو وزير بيان بازي ڇڏي مهانگائي ڪنٽرول ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ گهر ڪئي آھي تہ نگران وڏو وزير صرف بيان بازي بدران مھانگائي ذخيرہ اندوزي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ عملي ۽ اثرائتا اپاءُ کڻي عوام کي ريليف ڏياري، جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا چيو آهي تہ اٽي کنڊ ، کير انڊن سميت دڪاندار حڪومت جي ڪنهن بہ نوٽس ۽ سرڪاري اگهن تي عمل ڪونہ ڪن ٿا.مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.پيٽرول توڙي ڊالر جي قيمت ۾ واضح ڪمي باوجود حڪومت اڃان تائين عوام کي ڪو خاطر خواہ ريليف ڪونہ ڏياري سگهي آھي.نگران وزير اعظم بہ مھانگائي تي ڪنٽول لاءِ صوبائي حڪومتن کي هدايتون جاري ڪري چڪو پراڃان تائين ان جو ڪوبه کڙتيل ناھي نڪتو.انڪري سنڌ جي نگران سرڪار صرف بيان بازي ڪري خانہ پوري ڪرڻ بدران مھنگائي جي خاتمي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ اثرائتا ۽ عملي قدم کڻي تہ جيئن مهانگائي جي ماريل عوام کي ڪو ريليف ملي سگھي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو