ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد سان سي اي او سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪري واٽر ڪارپوريشن ۽ صحت جي ٻين مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات سي اي او دوران واٽر ڪارپوريشن پاران صحت واري نگران صوبائي وزير کي نيگليريا جي روڪٿام لاءِ ڪلورينيشن جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ واٽر ڪارپوريشن نيگليريا جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، صحت واري عالمي اداري پاران مقرر ڪيل معيار ۽ مقدار موجب شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جي گهربل مقدار شامل ڪئي پئي وڃي، هن ٻڌايو تہ واٽر ڪارپوريشن جي سمورن فلٽر پلانٽن مان مسلسل 24 ڪلاڪ پاڻي ۾ ڪلورينيشن ملائي ويندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل آفيسر مختلف فلٽر پلانٽس ۽ ٻين تنصيبات جا دورا ڪري ڪلورينيشن جي عمل کي مڪمل طور تي چيڪ ڪن ٿا، ان موقعي تي صحت واري نگران صوبائي وزير پاران سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بابت ڏنل بريفنگ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ان پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ ۽ اصلاحي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.
