نگران وزير جو ٽيسوري کي فون،چونڊن بابت ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن سان مڪمل تعاون ڪندي.هن چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪنداسين، ڪنهن سان به تعصب نه ڪنداسين، شفاف چونڊون ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.اطلاعات واري وزير اهو به چيو ته آئين تحت گڏيل ذميواريون نڀائيندا.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو