نگران وزير ارشد ولي محمد ۽ جي بي گورنر جي ملاقات،سياحت بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) سنڌ جي سياحت ۽ ماحوليات واري نگران وزير ارشد ولي محمد ۽ گلگت بلتستان جي گورنر مهدي علي شاهه وچ ۾ ملاقات ٿي، گورنر گلگت بلتستان مهدي علي شاهه نگران سياحت واري صوبائي وزير کي مبارڪباد ڏني. ارشد ولي محمد چيو ته گلگت بلتستان ۽ سنڌ صوبي جي وچ ۾ سياحتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ گڏيل ملاقات ۾ سياحت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران صوبائي وزير چيو ته گلگت بلتستان وانگر سنڌ به سياحتي ماڳن سان مالامال آهي، هن چيو ته هو سنڌ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندو، سياحت کي هٿي وٺرائڻ سان صوبائي روينيو ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ ۾ سياحت لاءِ سازگار ماحول آهي. هن وڌيڪ چيو ته سياحت سان مقامي روزگار جا موقعا پڻ ملن ٿا. هن گلگت بلتستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صوبائي حڪومت پاران سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سياحت کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو