لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي نگران حڪومت کي هٽائڻ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي نگران حڪومت کي هٽائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار جو موقف آهي ته 90 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ نگران حڪومت ۽ ڪابينا جي آئيني حيثيت ختم ٿي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو.عدالت اهڙي درخواست سميت ٻين درخواستن کي به داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










