نگرانن عوام کي بُک بدحالي جي سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته عالمي بينڪ جو پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي فقط اشرافيه تائين محدود هئڻ واري ڳالهه غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي جي دعويدار حڪمرانن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، زرعي ۽ تيل، ڪوئلي سميت قدرتي دولت سان مالا مال ملڪ جو عوام ٻن ويلن لاءِ پريشان ۽ ايٽمي ملڪ کي دنيا ۾ پينو طور مشهور ڪري ڇڏيو آهي ان جو سبب ڪرپٽ حڪمران آهن جيڪي سالن کان عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي قرضن تي خود موجون پيا ڪن ۽ عوام کي بُک بدحالي جي سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو اٿن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ الطاف احمد ملاح جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، وفد ۾ اين اي 225 تي نامزد اُميدوار ڊاڪٽر امتياز پالاري، پي ايس 76 تي محمد علي خٽڪ، نائب امير عبدالسميع هاليپوٽو ۽ ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته 08 فيبروري جي عام چونڊن ۾ عوام “ ساهمي” جي نشان تي مُهر هڻي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي جي شروعات ڪري، جماعت اسلامي جي مخلص قيادت ئي ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي، عوام سڀني سياسي جماعتن کي آزمائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ضلع ٺٽه جي امير الطاف احمد ملاح صوبائي امير کي انتخابي صورتحال جو جائزو پڻ پيش ڪيو. صوبائي امير سان فلسطين فائونڊيشن جي ڊاڪٽر صابر ابو مريم، جمعيت طلبه عربيه جي منتظم حافظ حذيفه احمد ۽ عبدالماجد سميت مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو