نيپرا 1 رپيو 56 پيسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) في يونٽ بجلي 1 رپيو 56 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجلي جي قيمت 1 رپيو 73 پيسا مهانگي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. چيئرمين نيپرا توصيف ايڇ فاروق جي صدارت ۾بجلي جي قيمتن ۾ اضافي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 56 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري آڪٽومبر جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني آهي. نيپرا جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق بجلي جي قيمت ۾ اضافي جو اطلاق 50 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ صارفين تي نه هوندو جڏهن ته بجلي مهانگي ٿيڻ سان صارفين تي 14 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو